ذوالفقار سيال ڊاڪٽر

ذوالفقار سيال ڊاڪٽر

ذوالفقار سيال ڊاڪٽر

ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر: مشھور شاعر، اديب، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد، تعلقي باقراڻي، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پاڻ زميندار ۽ تعليم يافته خاندان سان تعلق رکي ٿو. هن 1972ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1984ع ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي. آر. ايم. او (ايڊمنسٽريشن) ايل. ايم. سي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو (1989ع-1988ع) رهيو. ان کان سواءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد، ايڊيشنل پوليس سرجن جناح اسپتال ڪراچي ۽ ايم. ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو به رهيو. ذوالفقار سيال 1971ع ڌاري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئـي. سندس ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن جـي ‘ٻارن جي صفحن’ ۾ ڇـپـجـــنــديـون رهيون. چـانـڊوڪــي پـبليڪيشن لاڙڪاڻي جو (1976ع-1974ع) جو ايڊيٽر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ’سنگت‘ مخزن جو چيف ايڊيٽر (2008ع- 2006ع) رهيو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ 1972ع ۾ ان جو سيڪريٽري بڻيو. ان کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ايل. ايم. سي جو سيڪريٽري ٿيو. هو 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع ۾ ٻن سالن لاءِ سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سٺو ڪمپيئر به آهي ۽ ٽي. وي جي ڪيترن پروگرامن جي ميزبان جي حيثيت سان ڪمپئرنگ ڪري چڪو آهي. هن ڪيترن سنڌي ۽ اردو ڊرامن (’ڪن ۽ ڪنارا‘، ’پرهه کانپوءِ‘، ’غازي عبدالقيوم شهيد‘، ’درد ڪو جو زبان ملي‘) ۾ اداڪاري به ڪئي آهي. سندس شـاعــريءَ جي ڇپيل ڪــتابن ۾: (1) ’رڻ سڄـــو ئــي رت ڦڙا‘، (2) ’ڳاڙها هٿ پيلا چهرا‘، (3) ’چهرا چنڊ گلابن جھڙا‘، (4) ’بارش کانپوءِ‘ ۽ ‘امان مون کي کيڏڻ ڏي’ شامل آهن ، جڏهن ته سندس ٻاراڻي شاعريءَ جا پڻ ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.05.28  عيسوي

مشھور شاعر، اديب، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد، تعلقي باقراڻي، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دانتي
حاجي مريد مهيري
امر ساهڙ
ريحان اعظمي
بِنگو گوپانگ
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ
محبوب سروري
انور شعور
سيد مصري شاهه امام رضوي
پروانو ميراجي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون